ڪراچي:
۽نگي ٽائون مومن آباد جي علائقي شهر قائد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي شادي جي تقريب ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي موجب اورنگي ٽائون جي فرشان چوڪ ۾ شادي جي تقريب دوران جوابدار هوائي فائرنگ ڪئي.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار دولت خان ولد داد محمد کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو.
پوليس اختيارين موجب جوابدارن خلاف قانون تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.


