ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي ميمبر قومي اسيمبلي اقبال محسود جي نوجوان ڌيءَ مبينا طور نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ سبب مارجي وئي. ايڪسپريس نيوز موجب گلشن اقبال جي علائقي بلاڪ 7 ۾ گهر اندر نامعلوم طرف کان ايندڙ گولي لڳڻ سبب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر قومي اسيمبلي اقبال محسود جي ڌيءَ 18 ورهين جي ماه نور سخت زخمي ٿي پئي. ايس ايڇ او محمد سعود موجب ماه نور متحده قومي موومينٽ سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبر جي ڌيءَ ۽ ميڊيڪل جي شاگردياڻي هئي. هن چيو ته شروعاتي طور تي گهرڀاتين پوليس کي ٻڌايو هو ته مهنور گهر اندر ڏاڪڻ تان هيٺ ڪري پئي ۽ کيس مٿي ۾ سخت زخم آيا. هوءَ گلشن اقبال جي پٽيل اسپتال ۾ داخل هئي جتي هوءَ آچر تي فوت ٿي وئي. ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته پوليس کي جاچ دوران معلوم ٿيو ته مهنور کي مٿي ۾ گولي لڳي هئي، جنهن بعد وارثن کيس انڌي گولي قرار ڏيندي قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. بعد ۾ مرحوم جي جنازي نماز مدينه مسجد جامعه مدينه اسلاميه گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ گهرڀاتين ۽ مائٽن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم کي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي رابطا ڪميٽي پاران حق پرست قومي اسيمبلي ميمبر اقبال خان محسود جي ڌيءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار. هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
Source link

ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسيمبلي جي ڌيءَ مبينا طور نامعلوم طرف کان گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

