اسرائيلي فوج لبنان جي ڏاکڻين علائقن ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي فوج کي لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي سخت حملا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته وزير اعظم نتنياهو جي حڪمن جي تعميل ۾، اهي ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي آفيسن، لڪيل هنڌن ۽ پناهگاهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
اسرائيلي فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڏکڻ لبنان ۾ انهن هنڌن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ته جيئن اسان جي فوجين ۽ شهرين جي زندگين کي خطرو ختم ڪري سگهجي.
اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب حزب الله فوجين ۽ شهرين تي هڪ ئي هنڌن تان حملا ڪندا هئا، جنهن سبب جاني ۽ مالي نقصان جو وڏو نقصان ٿيو.
ياد رهي ته اسرائيلي وزيراعظم پاران ڏکڻ لبنان تي حملي جو حڪم ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ جنگ بندي ۾ ٽن هفتن جي واڌ جو اعلان ڪيو آهي.


