غزه ۾ اسرائيلي فوجين حملي ۾ هڪ حامله عورت ۽ سندس ٻن ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب غزه تي اسرائيلي حملي ۾ حامله ماءُ ۽ سندس ٻه ٻارڙا شهيد ٿي ويا.
اهو واقعو ڇنڇر ڏينهن غزه جي پٽي جي اترين علائقي بيت لاهيا ۾ پيش آيو، جتي رهائشي عمارت تي حملي ۾ هڪ حامله فلسطيني عورت ۽ ان جا ٻه ٻار شهيد ٿي ويا.


