اسلام آباد:
پاڪستان آئين تحفظ موومينٽ عمران خان کي طبي معائني لاءِ پمز اسپتال کڻي وڃڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ ذاتي معالج ۽ گهرڀاتين جي غير موجودگي ۾ عمران خان کي طبي معائني لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته اهو عمل نه رڳو بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي پر پاڪستان جي آئين تحت ڏنل قانوني ۽ آئيني حقن جي به ڀڃڪڙي آهي.
ترجمان موجب ڪنهن به شهري خاص طور تي اڳوڻي وزيراعظم پاران پنهنجي ڊاڪٽرن ۽ خاندان کي اهڙي قسم جي ڪارروائي کان محروم رکڻ قانون جي حڪمراني تي سواليه نشان آهي. هن چيو ته اهڙي رويي سان اهو تاثر مضبوط ٿئي ٿو ته رياست ۾ آئين ۽ قانون ختم ٿي ويو آهي.
پڌرنامي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته باني چيئرمين کي فوري طور تي سندس ذاتي طبيب ۽ خاندان تائين مڪمل ۽ بغير ڪنهن رڪاوٽ جي پهچڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن سندس صحت ۽ قانوني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.


