اسلام آباد:
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ خطي جي تازي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڌرين وچ ۾ ڳالهين ۽ سفارتي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو.
نائب وزيراعظم پاڪستان جي جاري سفارتي ڪوششن جي حمايت تي سعودي عرب جا ٿورا پڻ مڃيا.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻن، ڀائراڻن ۽ مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.


