اسٽيٽ بئنڪ پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل هفتي دوران ذخيرن ۾ 630 ملين ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب 24 اپريل تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 630 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ 24 اپريل تائين ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا 21 ارب 26 ڪروڙ ڊالر رهيا. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ذخيرا 630 ملين ڊالر کان وڌي 15.82 ارب ڊالر ٿي ويا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 8.98 بلين ڊالر گهٽجي 5.44 ارب ڊالر ٿي ويا.
Source link

پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 630 ملين ڊالرن جو اضافو
Leave a Comment Leave a Comment

