پاڪستان زمبابوي خلاف وومين ون ڊي انٽرنيشنل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا.
ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ جاري ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ناجيه علوي وومينز ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان طرفان تيز ترين اڌ سينچري اسڪور ڪئي.
ناجيه علوي 24 بالن تي پنهنجي اڌ سينچري مڪمل ڪري ڪپتان فاطمه ثنا جو 35 بالن تي ففٽي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ ميزبان ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي 330 رنسون ٺاهيون، جيڪو پاڪستان وومين جو سڀ کان وڏو اسڪور آهي.
ميچ ۾ سدرا امين ۽ ناجيه علوي وچ ۾ پنجين وڪيٽ لاءِ 96 رنسن جي ٽئين وڏي پارٽنرشپ ٿي.
پاڪستان وومين طرفان پهريون ڀيرو هڪ ون ڊي اننگز ۾ چار ففٽي اسڪور ڪيون ويون. صدف شمس 98، سدرا امين 67، گل فيروز 50 ۽ ناجيه علوي 56 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان وومين ٽيم جي زمبابوي خلاف 168 رنسن جي فتح ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ٻي وڏي فتح هئي.


