واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آبنائي هرمز هڪ عالمي لنگهه آهي جنهن تي ڪوبه ملڪ ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي، ايران کي فوري طور تي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي.
وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا پاران شروع ڪيل آپريشن پروجيڪٽ فريڊم انساني جانين جي تحفظ لاءِ آهي ۽ ان جو مقصد ڪنهن به ملڪ تي حملو ڪرڻ ناهي. هن واضح ڪيو ته ايران کي آبنائے هرمز تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
آمريڪي پرڏيهي وزير موجب تازي ڪارروائي دوران آمريڪي فورسز ايران جون 7 تيز رفتار ٻيڙيون تباهه ڪري ڇڏيون، جڏهن ته آبنائي هرمز ۾ ڇڪتاڻ سبب 10 شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته آمريڪي فورسز لاءِ خطرو بڻجندڙ ڊرونز ۽ ٻيڙين کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري رهندو.
مارڪو روبيو ايران تي الزام لڳايو ته هو آبنائے هرمز ۾ ’ڏوهن جي سرگرمين‘ ۾ ملوث آهي، جڏهن ته آمريڪا واپاري جهازن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ خطي ۾ پنهنجي موجودگي وڌائي رهيو آهي. هن چيو ته ايران کي زميني حقيقتن کي تسليم ڪندي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.
هن وڌيڪ چيو ته جيرڊ ڪشنر ۽ اسٽيو وٽڪوف وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهين لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي پابندين سبب ايران کي روزانو 500 ملين ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير دعويٰ ڪئي ته ايران خلاف آپريشن ايپيڪ فيوري مڪمل ٿي ويو آهي ۽ ان جا سمورا مقصد حاصل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ چاهي ٿو ته ايراني عوام پنهنجي مستقبل جي حوالي سان بااختيار هجي.


