قطر جي راڄڌاني کان 23 ميل پري هڪ مال بردار جهاز تي حملو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب دوحه کان 23 ميل اتر اوڀر ۾ هڪ مال بردار جهاز هڪ پروجيڪٽ سان ٽڪرائجي ويو.
برطانوي ميري ٽائيم اٿارٽي موجب حملي کانپوءِ ٽينڪر ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطو آندو ويو آهي.
برطانوي ميري ٽائيم اٿارٽي جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ هڪ شخص جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن.


