اڄ اسان لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، هڪ سال اڳ سڄي قوم گڏ ٿي دشمن کي جواب ڏنو هو، وزير اعليٰ سنڌ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس جي شروعات ۾ پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ اسيمبليءَ ۾ مارڪُٽ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.

وڏي وزير ايوان کان اجازت گهري ته ٻين ڪارروائي ملتوي ڪري قرارداد پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

مراد علي شاهه قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان پاڪ فوج جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هن آرمي چيف، صدر ۽ وزيراعظم کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اڄ اسان لاءِ تاريخي ڏينهن آهي، هڪ سال اڳ سڄي قوم گڏ ٿي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو هو.

هن چيو ته اسان جي فوج، حڪومت، قوم ۽ ميڊيا گڏجي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. 1947ع جو ذڪر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڀارت چوندو هو ته هي ملڪ 6 مهينا به نه هلندو.

هن چيو ته ان جي شروعات 20 جنوري 1972ع تي ٿي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان حوالي سان مختلف سياسي اڳواڻن کي فون ڪيو.

مراد علي شاهه چيو ته مئي 1998ع ۾ پاڪستان ائٽمي ڌماڪا ڪري پاڻ کي پهريون مسلم ايٽمي طاقت بڻايو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment