Kim Kardashian پنهنجي ٻارن سان گڏ قيد ٿيل عورتن کي ٻيهر ملائڻ لاءِ جيل پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



آمريڪي ريئلٽي اسٽار، ماڊل ۽ ڪاروباري شخصيت Kim Kardashian Mother’s Day تي ڪيليفورنيا جي جيل ۾ قيد عورتن کي خاص مدد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ منفرد ۽ جذباتي اقدام ڪيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 45 ورهين جي ڪريم ٻن فلاحي تنظيمن جي سهڪار سان جيل پهتي، جتي هن 50 جي لڳ ڀڳ عورت قيدين کي پنهنجي ٻارن سان گڏ ماءُ جو ڏهاڙو ملهائڻ جو موقعو ڏنو. Kim Kardashian چيو ته بيشمار عورتون آهن جيڪي سالن تائين پنهنجن ٻارن ۽ ڪٽنب کان پري رهڻ تي مجبور آهن ۽ اها جدائي هڪ اهڙو درد آهي جنهن کي سماج عام طور تي نظرانداز ڪري ٿو. هن ان موقعي تي چيو ته هنن عورتن کي پنهنجن ٻارن سان ملڻ، کين ڀاڪر پائڻ ۽ پنهنجي گهروارن سان ٻيهر مسڪرائيندي ڏسڻ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن منتظمين ۽ خيراتي ادارن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اهڙا اقدام جيل ۾ قيد عورتن لاءِ اميد، محبت ۽ نئين شروعات جو باعث آهن ۽ اهو ڏينهن سندن لاءِ هميشه يادگار رهندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment