لاهور جي علائقي سندر ۾ سي سي ڊي سان مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڀينرن سان زيادتي ڪيس جو جوابدار مارجي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار سي سي ڊي جي حراست مان فرار ٿي ويو هو، جوابدار جي فرار ٿيڻ جو ڪيس سي سي ڊي ماڊل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ٻيهر گرفتاري دوران سي سي ڊي چوهاڻ وٽان جوابدارن ۾ فائرنگ جو ڏي وٺ ٿي.
جوابدارن جي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار ناصر ۽ محي الدين مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل هڪ جي عمر 27 سال ۽ ٻئي جي عمر 21 سال آهي. ٻئي ڇوڪريون بس اسٽاپ تي رڪشا جي انتظار ۾ بيٺيون هيون.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن جوابدارن ڇوڪرين کي زبردستي فليٽ ۾ وٺي ويا، جوابدارن ٻن ڇوڪرين سان بار بار زيادتي ڪئي، واقعو 7 مئي جي رات پيش آيو، ڇوڪرين جي والد جي فرياد تي اجتماعي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.


