بنگلاديش خلاف سيريز؛ پاڪستاني فاسٽ بالر ڪيچ وٺندي زخمي، اسٽريچر تي منتقل

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پاڪستان کي وڏو دھچڪو لڳو، فاسٽ بالر حسن علي فيلڊنگ دوران زخمي ٿي پيو ۽ کيس اسٽريچر تي بيهاري فيلڊ کان ٻاهر آندو ويو. اهو واقعو سلهٽ ٽيسٽ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن حسن علي بنگلاديشي بيٽسمين کان ريٽرن ڪيچ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر بال سندس هٿ ۾ لڳڻ کان پوءِ سندس مٿي تي لڳي ۽ هو پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهيو. واقعي کانپوءِ پاڪستاني رانديگر ۽ طبي عملو ميدان تي پهچي ويو، جڏهن ته حسن علي کي ابتدائي طبي امداد بعد اسٽريچر تي بيهاري ميدان مان ڪڍيو ويو. ان دوران اسٽيڊيم ۾ موجود ڪرڪيٽ شائقين به پريشان ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب حسن علي کي هيڊ انٽري ۾ تڪليف ٿي پر بعد ۾ هو ٽيم مئنيجمينٽ جي نگراني ۾ ميدان ۾ واپس آيو، جنهن سان مداحن راحت جو ساهه کنيو. پاڪستاني ٽيم اڳي ئي سيريز ۾ دٻاءُ ۾ آهي ۽ سينيئر فاسٽ بالر جي انجری کي ٽيم لاءِ مسئلو قرار ڏنو پيو وڃي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ هلندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ سلهٽ ۾ کيڏي پئي وڃي، جڏهن ته بنگلاديش کي سيريز ۾ هڪ صفر جي برتري حاصل آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment