آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پولينڊ ۾ 5 هزار فوجي موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ اعلان ڪيو ته آمريڪا پولينڊ ۾ وڌيڪ 5 هزار فوجي موڪليندو.
ٽرمپ پنهنجي ٽرٿ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ مختصر بيان ۾ چيو ته پولينڊ جي موجوده صدر ڪرول ناوروڪي جي ڪامياب چونڊ جي بنياد تي، جنهن سان اسان جا سٺا لاڳاپا آهن، مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته آمريڪا پولينڊ ۾ اضافي 5 هزار فوجي موڪليندو.
ٽرمپ جو اهو قدم هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن واشنگٽن آمريڪي فوجن کي يورپ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ٽرمپ ۽ نيٽو اتحادين جي وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ جاري آهي.
واضح رهي ته ٽرمپ ايران جنگ ۾ اتحادين جي مدد نه ڪرڻ تي نيٽو تي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو آهي.


