جيڪب آباد سميت سنڌ جا اندريون روڊ هڪ ڀيرو ٻيهر غير محفوظ بڻجي ويا، جتي هٿياربندن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار جي گهرواري زخمي ٿي پئي. پوليس ذريعن موجب هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سعود آباد اعجاز ترين جي ڌيءَ ۽ سندس ڪزن جي ڌيءَ زخمي ٿي پيا. واقعي وقت ڊي ايس پي جو پٽ ڪار هلائي رهيو هو جڏهن ته ڪار ۾ گهر جا ٻيا ڀاتي به موجود هئا. فائرنگ کانپوءِ جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي ڇوڪرين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين بهتر علاج لاءِ سکر نيو ويو. ذريعن موجب گذريل رات پيش آيل واقعي تي جيڪب آباد پوليس پاران فوري ۽ موثر ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود حملي آورن جو پتو پئجي نه سگهيو. شهرين ۽ سماجي حلقن سنڌ جي اهم شاهراهن تي هٿياربندن پاران کليل فائرنگ جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
Source link

اندرون سنڌ جا روڊ رستا غير محفوظ، هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، ڊي ايس پي جي ڌيءَ زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

