ڪراچي:
متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار گل پلازه سانحي جي انڪوائري رپورٽ ۽ لاڳاپيل سرڪاري رڪارڊ عوام آڏو آڻڻ لاءِ سنڌ انفارميشن ڪميشن سان رابطو ڪري ورتو.
ان سان گڏ ايڊووڪيٽ ايڊووڪيٽ طارق منصور به ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ گل پلازه انڪوائري ڪميشن جي مڪمل جاچ رپورٽ ۽ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ هو ته گل پلازه سانحو ڪراچي جي انتهائي افسوسناڪ واقعن مان هڪ آهي، جنهن ۾ 84 کان وڌيڪ شهري شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.
هن چيو ته انڪوائري ڪميشن جي 4 جلدن تي ٻڌل رپورٽ ۾ ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي مبينه لاپرواهي ۽ خامين جو ذڪر آهي پر هن وقت تائين متاثرين ۽ عوام کي ان رپورٽ تائين رسائي نه ڏني وئي آهي. شفافيت ۽ احتساب جي تقاضائن موجب ان معلومات کي عام ڪيو وڃي ته جيئن ذميوار عنصرن جو تعين ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪري سگهجي.
ڊاڪٽر فاروق ستار وڌيڪ چيو ته سنڌ ٽرانسپيرنسي اينڊ رائٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ 2016 شهرين کي معلومات تائين رسائي جو بنيادي ۽ قانوني حق ڏئي ٿو، ان ڪري لاڳاپيل ادارا فوري طور تي رپورٽ ۽ سمورا لاڳاپيل دستاويز فراهم ڪن.
هن اميد ظاهر ڪئي ته سنڌ انفارميشن ڪميشن قانون، شفافيت ۽ انصاف جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي گل پلازه واقعي جي مڪمل انڪوائري رپورٽ عوام آڏو آڻڻ جا حڪم جاري ڪندي ته جيئن متاثر خاندانن کي انصاف ملي سگهي.


