هندستاني حڪومت گذريل هفتي 113 سال پراڻي تاريخي ۽ انتهائي مشهور دهلي جمخانا ڪلب کي 5 جون تائين پنهنجي 27.3 ايڪڙ زمين خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عالمي خابرو اداري موجب ڀارتي حڪومت جي اهڙي فيصلي کانپوءِ شهر ۾ هن اداري جي مستقبل، نوآبادياتي ورثي ۽ اشرافيه جي مراعات تي شهر ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.
اهو علائقو وزيراعظم مودي جي رهائشگاهه جي ويجهو انتهائي حساس ۽ اسٽريٽجڪ زون ۾ واقع آهي ۽ هاڻي دفاعي انفراسٽرڪچر ۽ قومي سلامتي جي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو، حڪومتي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي. ڪلب جي ليز کي فوري اثر سان ختم ڪيو پيو وڃي.
حڪومتي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڪلب انتظاميا ۽ ميمبرن فيصلي کي دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، جتي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت عدالت کي يقين ڏياريو ته 5 جون تي فوري طور تي قبضي نه ڪئي ويندي ۽ قانون موجب نوٽيس ڏيڻ کانپوءِ ئي ڪا ڪارروائي ڪئي ويندي.
عدالت وڌيڪ چيو ته ان ڪيس ۾ ڪلب، ان جا ملازم ۽ ميمبر ٻيهر عدالت سان رجوع ڪري سگهندا.
ياد رهي ته دهلي جمخانا ڪلب انهن چند تاريخي عمارتن مان هڪ آهي، جن انگريزن جي دور کان وٺي اڄ تائين پنهنجي اصل سڃاڻپ برقرار رکي آهي.
اهو ڪلب 1913ع ۾ ”امپيريل دهلي جمخانا ڪلب“ جي نالي سان قائم ڪيو ويو، جڏهن برطانوي حڪومت راڄڌاني ڪلڪتي کان دهلي منتقل ڪئي.
شروعات ۾ اهو برطانوي فوجي آفيسرن ۽ سول اٿارٽيز جو هيڊ ڪوارٽر هو، بعد ۾ 1928ع ۾ ان کي موجوده جاءِ صفدر جنگ روڊ تي الاٽ ڪيو ويو.
ڪلب جي موجوده عمارت 1930ع ۾ مشهور برطانوي آرڪيٽيڪٽ رابرٽ ٽار رسل ٺاهي هئي، جنهن دهليءَ جي مشهور ڪنهوت محل کي به ڊزائين ڪيو هو.
ويڪرا برانڊا، اونچي ڇت، سرسبز لان ۽ قديم فن تعمير سان، هي ڪلب نئين دهلي جي تاريخي سڃاڻپ جو حصو آهي.
انگريزن جي دور ۾ هن ڪلب کي انڊين سول سروس جي انهن محدود آفيسرن جي تربيت جو ميدان به سمجهيو ويندو هو، جن کي نوآبادياتي اشرافيه ۾ رکيو ويو هو.
بال روم ڊانسنگ، برطانوي آداب ۽ سماجي رسمون هتي سيکاريا ويندا هئا. 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي دوران به هن ماڳ کي تاريخي اهميت حاصل هئي.
جڏهن هندستاني ۽ پاڪستاني فوج جا آفيسر جيڪي جلد ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ وارا هئا، آخري ڀيرو هتي مليا.
2013 ۾ ڪلب جي صديءَ جي تقريب دوران، هندستان جي اڳوڻي صدر پرناب مکرجي ياد ڪيو ته مهاتما گانڌي ۽ برطانوي وائسراء لارڊ ارون جي وچ ۾ تاريخي ملاقات پڻ ساڳئي ڪلب ۾ ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ “گانڌي-ارون معاهدو” ٿيو.
آزاديءَ کان پوءِ، جيتوڻيڪ ڪلب جي نالي مان لفظ ”امپيريل“ ڪڍيو ويو، پر ان جون قديم روايتون برقرار رهيون. هتي رڪنيت هميشه ڏکيو سمجهيو ويو آهي. درخواست گذارين کي موجوده ميمبرن کان سفارش ۽ انتظامي ڪميٽي جي منظوري جي ضرورت آهي.
نقادن جي مطابق، هن نظام ۾ دهلي جي اشرافيه، اعلي سرڪاري آفيسرن ۽ طاقتور خاندانن جو اثر برقرار رکيو.
مودي حڪومت 2014 کان دهلي جي روايتي انگريزي ڳالهائيندڙ اشرافيه جي اثر کي گهٽائڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي. ان حوالي سان، ڪلب جي ماليات ۽ رڪنيت جي طريقيڪار پڻ سالن کان تحقيق ڪئي وئي.
2022 ۾، هڪ سرڪاري ٽربيونل ڪلب جي چونڊيل انتظاميا کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ حڪومت کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي ڪجهه ميمبرن سخت اعتراض ڪيو.
ڪلب جي ممڪنه بندش تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، ورثي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته دهلي جمخانا ڪلب پنهنجي تاريخي حيثيت وڃائي ويهندو، جنهن سان دنيا نه رڳو هڪ عمارت پر پنهنجي نوآبادياتي، سياسي ۽ سماجي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي.


