فرانس پئرس ۾ يورپ جي سڀ کان وڏي هٿيارن جي نمائش ’يوروسٽوري‘ ۾ اسرائيل جي شرڪت تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي حڪومت ان فيصلي بابت باضابطه طور تي اسرائيلي بچاءَ واري وزارت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پابنديءَ تحت اسرائيل کي نمائش ۾ پنهنجو دفاعي نظام ۽ فوجي سامان رکڻ جي اجازت نه هوندي.
هٿيارن جي نمائش هن مهيني جي آخر ۾ پيرس ۾ منعقد ٿيڻ واري آهي ۽ اها يورپ جي سڀ کان وڏي دفاعي ۽ سيڪيورٽي نمائش سمجهي وڃي ٿي، جتي دنيا جا ملڪ پنهنجي دفاعي ٽيڪنالاجي پيش ڪن ٿا.
رپورٽن مطابق اسرائيلي اختيارين فيصلي کانپوءِ خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي دفاعي صنعت لاءِ ناڪاري قدم طور ڏٺو پيو وڃي. ٻئي طرف فرانسيسي اختيارين موقف اختيار ڪيو آهي ته نمائش ۾ شرڪت جي اجازت ضابطن ۽ سيڪيورٽي ضابطن موجب ڏني وئي آهي.
اهو اقدام اسرائيل ۽ فرانس جي وچ ۾ اڳ ۾ موجود سفارتي تڪرار کي وڌيڪ وڌائڻ جو امڪان آهي.


