مصطفيٰ عامر قتل ڪيس؛ مرڪزي جوابدار ارمغان جيل انتظاميا تي رقم وٺڻ جو الزام

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار ارمغان جيل انتظاميا تي رقم وٺڻ جو الزام هنيو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ مصطفيٰ عامر جي قتل سميت 6 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ مرڪزي جوابدار ارمغان جيل انتظاميا تي رقم وٺڻ جو الزام هنيو. جوابدار چيو ته پيش ٿيڻ لاءِ رقم به طلب ڪئي پئي وڃي.

ملزم ارمغان چيو ته جيل ۾ انتظاميه هر شيءِ لاءِ پئسا گهرندي آهي. ان موقعي تي عدالت پهچي ارمغان جي ماءُ جذباتي ٿي وئي ۽ ارمغان کان پڇيو ته ڇا اسان کي توهان جي رقم جي لالچ آهي؟ جنهن تي ارمغان جواب ڏنو ته ماءُ ۽ وڪيل کي پئسن جو لالچ ناهي.

جوابدار چيو ته گذريل ٻڌڻي ۾ مون ماءُ ۽ وڪيل جي حوالي سان رقم جي ڳالهه ناهي ڪئي. سپريم ڪورٽ مان ٻڌڻي ۾ غلطي ٿي، ان هوندي به جيل انتظاميه جي ڳالهه ٿي رهي هئي.

جوابدار جي وڪيل خرم عباس ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته منهنجي موکل جي درخواست تي ڪيس منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

بعد ۾ عدالت ارمغان خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment