فيفا ۽ پاڪستان فٽبال فيڊريشن (پي ايف ايف) جي عهديدارن گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ فٽبال جي انتظامي ڍانچي ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان کي گورننس سسٽم کي بهتر بڻائڻو پوندو. فيفا جي هيڊ آف ميمبر ايسوسيئيشن گورننس رالف ٽينر جو چوڻ هو ته هن ٻن ڏينهن دوران پاڪستان جي فٽبال اسٽيڪ هولڊرز سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون ۽ ان نتيجي تي پهتو ته پاڪستان فٽبال فيڊريشن ۾ فوري سڌارا ناگزير آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جلد ئي آئين ۾ ضروري ترميمون ڪندو ته جيئن جديد تقاضائن کي پورو ڪري سگهجي. رالف ٽينر واضح ڪيو ته پي ايف ايف جي معاملن ۾ ڪنهن ٽين ڌر جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته مالي معاملن جو فيفا جي لاڳاپيل ڪميٽي جائزو وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ فٽبال صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي پر ترقي لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته آئيني ترميمون مختلف اسٽيڪ هولڊرز کي بااختيار بڻائينديون ۽ فيفا چاهي ٿي ته پاڪستان پنهنجا سمورا عالمي مقصد حاصل ڪري. ان موقعي تي محسن گيلاني چيو ته 2013ع کانپوءِ پي ايف ايف جي آئين ۾ ڪا به وڏي تبديلي ناهي آئي، ان ڪري فيفا جي هدايتن تي عملدرآمد ناگزير آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان انٽرنيشنل فٽبال سان گڏ قدم سان قدم نه کنيو ته ملڪي فٽبال وڌيڪ پوئتي رهجي ويندي. محسن گيلاني چيو ته فيفا پاڪستان ۾ فٽبال جي بهتري لاءِ سڌارا چاهي ٿي، جڏهن ته نارملائيزيشن ڪميٽي جو آڊٽ به فيفا پاڻ ڪندو. پاڪستان جون ٽيمون انٽرنيشنل ٽورنامنٽ ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن ۽ پي ايف ايف ملڪي سطح تي فٽبال جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. پي ايف ايف جي صدر اعلان ڪيو ته پاڪستان فٽبال ليگ جلد منعقد ڪئي ويندي. هن چيو ته محدود فنڊنگ باوجود فيڊريشن فٽبال جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. محسن گيلاني وڌيڪ واضح ڪيو ته تجويز ڪيل آئيني ترميمن سندس اختيارات ۾ واڌ نه ڪئي پر عورتن سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن پاڪستان ۾ فٽبال کي مضبوط ۽ پائيدار بنيادن تي قائم ڪري سگهجي.
Source link

پاڪستان فٽبال فيڊريشن ۾ فوري سڌارا ضروري آهن: فيفا هيڊ آف ميمبر ايسوسي ايشنز گورننس
Leave a Comment Leave a Comment

