ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل 2027 ۾ مارچ ۽ جون جي وچ ۾ معياري آئي فون 18 رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رپورٽن موجب ايپل معياري آئي فون 18 جي لانچ کي ايندڙ سال مارچ تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته صرف آئي فون 18 پرو، آئي فون 18 پرو ميڪس ۽ ڪمپني جو پهريون فولڊ ايبل آئي فون سيپٽمبر 2026 ۾ متعارف ڪرايو ويندو، ذريعن موجب، دير جو سبب ايپل جي پلاننگ جي مسئلن جو سبب ناهي. سپلائي چين جي معروف تجزيه نگار منگ چي ڪوو جي مطابق، آئي فون 18 ۽ آئي فون 18 اي مارچ 2027 ۾ 9GB ريم سان متعارف ٿي سگھن ٿا جڏهن ته پرو ماڊلز ۾ 12GB ريم جي توقع آهي. رپورٽن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آئي فون 18 پرو سيريز جي قيمتن ۾ 200 ڊالر تائين اضافو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ايپل جو پهريون فولڊ ايبل آئي فون 2,000 ڊالر کان وڌيڪ جي قيمت سان پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن رپورٽون صحيح ثابت ٿيون ته نسبتاً گهٽ قيمت وارو نئون آئي فون سيپٽمبر 2026 ۾ اپ گريڊ ڪرڻ وارن گراهڪن لاءِ دستياب نه هوندو، ڇاڪاڻ ته معياري ۽ بجيٽ ماڊلز جي وڪرو 2027 تائين ملتوي ڪئي ويندي.
Source link

آئي فون 18 جي رليز بابت ايپل جو وڏو فيصلو!
Leave a Comment Leave a Comment

