ترڪي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ممڪن ڊيل کانپوءِ آبنائے هرمز ۾ بارودي سرنگون صاف ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.
ترڪي جي پرڏيهي وزير هاکان فيدان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن خطي ۾ امن معاهدو ٿيو ته ترڪي آبنائے هرمز ۾ مائن ڪليئرنس جي عمل ۾ حصو وٺڻ تي غور ڪري سگهي ٿو.
هن واضح ڪيو ته اهو هڪ پيچيده ۽ ٽيڪنيڪل ڪم هوندو جنهن ۾ مختلف ملڪن جون ماهر ٽيمون شامل هونديون پر ترڪي ان عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي.
هاکان فيدان چيو ته ترڪي اهڙن عملن کي انسانيت ۽ عالمي ذميواري سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته آبنائے هرمز بين الاقوامي واپار، خاص طور تي تيل لاءِ هڪ اهم لنگهه آهي.
ماهرن موجب جيڪڏهن مائن ڪليئرنس جو عمل شروع ٿئي ٿو ته ان سان نه رڳو سامونڊي ٽريفڪ بحال ٿيندي پر عالمي توانائي جي فراهمي کي به مستحڪم ڪيو ويندو.


