آمريڪا جو ڀارت کي جواب؛ مودي پنهنجي وات سان رهجي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي فوج طرفان آبنائي هرمز ۾ ڀارتي آئل ٽينڪر تي حملي ۾ 3 ماڻهن جي مارجڻ تي مودي حڪومت جو احتجاج بيڪار ٿي ويو.

عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پنهنجي ڀارتي هم منصب ايس جي شنڪر تي واضح ڪيو ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ سمورا تجارتي جهاز فوري طور تي آمريڪي فورسز جي هدايتن تي عمل ڪن.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ مارڪو روبيو ڀارتي پرڏيهي وزير کي اهو به چيو ته ايران مان تيل جي اسمگلنگ ۽ آمريڪي پابندين جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ڀارتي وزير کي خبردار ڪيو آهي ته آبنائے هرمز مان سفر ڪندڙ هر تجارتي جهاز کي آمريڪي فوج جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گهرجي. ايران کان تيل جي موڪلن جي ڀڃڪڙي يا آمريڪي بحري بندش کي برداشت نه ڪيو ويندو.

ياد رهي ته اومان جي نار ۾ آبنائے هرمز جي ويجهو آمريڪي حملي ۾ ڀارتي عملدار سان گڏ آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو ويو هو، جنهن ۾ 3 ڀارتي ملاح مارجي ويا هئا، جڏهن ته باقي 21 کي عماني ڪوسٽ گارڊ محفوظ طور تي بچائي ورتو هو.

واقعي کانپوءِ ڀارت باضابطا طور تي آمريڪي سفارتڪار کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ ان قدم کي غير ضروري ۽ ناقابل قبول قرار ڏنو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment