آمريڪا جي سربراهي ۾ علائقائي سلامتي ڪانفرنس تي ايران جي سخت تنقيد، آبنائے هرمز تي واضح موقف

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران بحرين ۾ آمريڪا جي سربراهي ۾ علائقائي سلامتي واري اجلاس کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته آبنائے هرمز جي سيڪيورٽي ۽ انتظام بابت فيصلا پرڏيهي فوجي اتحاد نٿو ڪري سگهي.

ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي پنهنجي بيان ۾ بحرين ۾ ٿيندڙ ملاقات کي رد ڪندي چيو ته آبنائي هرمز ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي حقيقتن جو حصو آهي، تنهن ڪري ان کي سنڀالڻ جو اختيار ايران وٽ آهي، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ وٽ نه.

هن چيو ته بحرين ۾ 12 ملڪن جي شرڪت سان فوجي طرز جو اجلاس فارس نار يا آبنائے هرمز لاءِ قانوني يا مستقل سيڪيورٽي نظام قائم نٿو ڪري سگهي.

ڪاظم غريب آبادي موجب خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پرڏيهي مداخلت ختم ٿي، آمريڪا پنهنجي فوجي موجودگي ۾ گهٽتائي ڪري، سمورن ملڪن جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي ۽ خطي جي نئين جاگرافيائي ۽ سياسي حقيقتن کي تسليم ڪيو وڃي.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي جي سلامتي کي ٻاهرين فوجي ڇنڊڇاڻ بدران علائقائي ملڪن جي گڏيل تعاون، اعتماد ۽ سفارتڪاري ذريعي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.

ياد رهي ته تازو ئي بحرين ۾ آمريڪا جي سهڪار سان علائقائي سلامتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 12 ملڪن جي نمائندن جهازن جي سلامتي، علائقائي سلامتي ۽ آبنائے هرمز ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

تجزيه نگارن موجب ايران جو تازو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آبنائي هرمز عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي ۽ ايران، آمريڪا ۽ خطي جي ٻين ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۽ سيڪيورٽي معاملن تي سرگرميون جاري آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment