واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي ايران جي مختلف فوجي هدفن تي حملن جو ٻيو دور ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. آمريڪي اختيارين موجب انهن ڪارروائين ۾ ايران جي ڪيترن ئي اهم فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي فورسز ايران جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽرز، ايئر ڊفينس سسٽم، ميزائل ۽ ڊرون جي صلاحيت، ساحلي نگراني جي سهولتن ۽ ٻين فوجي مقصدن تي حملا ڪيا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملن دوران ڏاکڻي شهر بندر عباس ۾ به ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻايو ويو. بندر عباس ايران جو سڀ کان وڏو بندرگاهه آهي ۽ آبنائے هرمز جي ويجهو هجڻ سبب ايران جي بحريه ۽ انقلابي گارڊز جي هڪ اهم فوجي تنصيب سمجهي وڃي ٿي.
آمريڪي فوج موجب انهن ڪارروائين جو مقصد ايران جي فوجي صلاحيتن کي وڌيڪ محدود ڪرڻ ۽ آبنائي هرمز جي چوڌاري سندس فوجي سرگرمين کي ڪمزور ڪرڻ آهي.
ٻئي طرف ايراني اختيارين طرفان ان آمريڪي دعويٰ تي فوري طور تي ڪوبه ردعمل سامهون ناهي آيو، جڏهن ته حملن ۾ ڪنهن جاني يا مالي نقصان جي فوري طور تي تصديق نه ٿي سگهي آهي.
دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته بندر عباس ۽ آبنائے هرمز جي اسٽريٽجڪ اهميت جي ڪري علائقي ۾ ڪنهن به فوجي ڪارروائي جا عالمي واپار، تيل جي ترسيل ۽ وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي تي ڏاڍا اثرانداز ٿي سگهن ٿا.
عالمي مبصرن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب خطي جي صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي رهي آهي، جڏهن ته عالمي برادري ٻنهي ملڪن تي زور ڏئي رهي آهي ته هو سفارتي حل اختيار ڪن.


