ٽوڪيو:
جاپان جي اترين علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جتي سومر جي صبح آيل زلزلي شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو.
6.2 جي شدت واري زلزلي جو مرڪز هوڪيدو جي هڪ ننڍڙي شهر سربيٽسو جي ويجهو زير زمين هو.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلو زير زمين 81 ڪلوميٽر جي اونهائي ۾ آيو، جنهن جا لوڏا پري پري تائين محسوس ڪيا ويا.
اختيارين موجب خوش قسمتي سان ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا، جڏهن ته جاپان جي جيولوجيڪل ايجنسي سونامي جي ڪا به وارننگ جاري ناهي ڪئي.
بهرحال، هي زلزلو هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن هڪ هفتو اڳ ساڳئي علائقي ۾ 7.7 جي شدت جو زلزلو آيو هو، اختيارين کي ممڪن ميگا زلزلي جي خبرداري جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ماهرن موجب، تازي زلزلي جا خدشا ٻيهر پيدا ڪيا آهن ته جاپان جي اتر اوڀر سامونڊي ڪناري سان گڏ هڪ وڏي زلزلي جو خطرو آهي، جنهن جي نگراني کي تيز ڪيو ويو آهي.
زلزلي کانپوءِ شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته اختيارين صورتحال تي مسلسل نظر رکي رهيا آهن.


