ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا نمرا خان پنهنجي زندگي جو نئون باب شروع ڪندي ٻي شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اداڪارا سوشل ميڊيا ذريعي مداحن کي خوشخبري جي آگاهي ڏني، جنهن کانپوءِ مبارڪن جو سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي. انسٽاگرام تي لکين فالوورز رکندڙ نمرہ خان پيرس مان پنهنجي شادي جون تصويرون شيئر ڪيون جنهن ۾ هوءَ گلابي رنگ جي لباس ۾ نظر اچي رهي هئي جڏهن ته سندس مڙس گري رنگ جي سوٽ ۾ ملبوس هو. انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسو اداڪارا پنهنجي مڙس جي سڃاڻپ مڪمل طور تي ظاهر ناهي ڪئي پر هڪ جذباتي پيغام ۾ چيو ته سندن محبت جي ڪهاڻي الله تعاليٰ گهڻو اڳ لکي هئي ۽ هاڻي هن خوبصورت سفر جي باضابطه شروعات ٿي چڪي آهي. ايفل ٽاور جي سامهون تصويرن سان نمرہ خان خوشي جو اظهار ڪندي ان نئين رشتي کي الله جي رحمت قرار ڏنو. سندس پوسٽ سامهون ايندي ئي مداحن، ساٿي فنڪارن ۽ شوبز جي شخصيتن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. Instagram تي هي پوسٽ ڏسو
Source link

اداڪارا نمرا خان پنهنجي ٻي شادي جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

