اسرائيلي فوج جي سربراهه جو لبنان ۾ فيصلائتي ڪارروايون جاري رکڻ جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



اسرائيل جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ايال زمر چيو آهي ته اسرائيلي فوج لبنان مان خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ فيصلائتي انداز ۾ ڪارروايون جاري رکندي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جي سربراهه ايال زمر ڏکڻ لبنان ۾ بيفورٽ قلعي جي چوڌاري مقرر فوجين سان ملاقات ڪئي ۽ ان دوران هن مهم جاري رکڻ تي زور ڏيندي چيو ته اها مهم حزب الله خلاف آهي. ليفٽيننٽ جنرل ايال ضمير فوجي اختيارين سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيلي فوج لبناني سرزمين مان خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ فيصلائتي ڪارروايون جاري رکندي ۽ جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ فوري طور تي جارحيت لاءِ تيار آهي. هن چيو ته بيفورٽ ريج ۽ ڏکڻ لبنان ۾ اسان جي فوج جون سرگرميون معاهدي جي فريم ورڪ ۽ ان تحت قائم ڪيل طريقيڪار جي مطابق ٿي رهيون آهن. ياد رهي ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ آمريڪا جي نگراني ۾ جنگ بندي جو معاهدو ٿيو آهي، جنهن ۾ هڪ ٻئي خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو آهي. ايال زمر جو چوڻ هو ته اسان جي فوج يا اسرائيلي شهرين لاءِ ڪنهن به خطري کي فوري طور تي رد ڪيو ويندو ۽ حملي ذريعي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو. اسرائيلي فوج جي سربراهه لبنان جي هٿياربند فوج تي زور ڏنو ته هو تاريخي معاهدي تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ۽ حزب الله جي ويڙهاڪن کان علائقي کي صاف ڪن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment