اسلام آباد: عدالت ثنا يوسف قتل ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ثنا يوسف قتل ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

27 صفحن تي ٻڌل فيصلو ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته استغاثه ٻن اکين ڏٺن شاهدن جي صورت ۾ جوابدارن خلاف ڀرپور ثبوت پيش ڪيا، جوابدارن جي آڱرين جا نشان به مقتول جي گهر مان مليا آهن.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار وٽان استعمال ٿيل گاڏي ۽ پستول به هٿ ڪيو ويو آهي، جوابدارن ملاقات نه ڪرڻ تي 17 ورهين جي معصوم نينگري کي قتل ڪيو، ملاقات نه ٿيڻ کانسواءِ قتل جو ٻيو ڪو به سبب نه هو.

فيصلي ۾ اهو به چيو ويو ته جوابدار ڪنهن رعايت جو مستحق ناهي، ان ڪري عدالت جوابدار عمر حيات کي قلم 302 تحت موت جي سزا ٻڌائي، جوابدار تي 2 لک رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي.

فيصلي ۾ جوابدار کي پي پي سي سيڪشن 392 تحت 10 سال قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي، پي پي سي سيڪشن 499 تحت 10 سال قيد ۽ 2 لک ڏنڊ ۽ پي پي سي سيڪشن 411 تحت هڪ سال قيد ۽ 1 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment