اسماعيلي برادري جي روحاني پيشوا جي گلگت آمد، ايئرپورٽ تي شاندار استقبال

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسماعيلي برادري جي روحاني پيشوا پرنس رحيم حسين آغا خان جو گلگت ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. پرنس رحيم آغا خان جو ايئرپورٽ تي گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن استقبال ڪيو. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معززين ۽ اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. پرنس رحيم حسيني آغا خان جي گلگت آمد تي عوامي حلقن خاص ڪري اسماعيلي برادري ۾ جوش ۽ جذبي جو ماحول پيدا ٿي ويو. گلگت بلتستان جي شهر جي مختلف هنڌن تي ڀليڪار جا بينر ۽ استقباليه پيغام لڳايا ويا. ماڻهن پنهنجي روحاني رهبر جي آمد کي تاريخي ۽ يادگار موقعو قرار ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment