آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبنائي هرمز جي بندش تي ايران سان سندس صبر ختم ٿي رهيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته چيني صدر شي جن پنگ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ تي راضي ٿي ويو آهي پر چين سڌي مداخلت جو ڪو اشارو نه ڏنو آهي.
بيجنگ کان واپسي تي ايئر فورس ون تي ڳالهائيندي، ٽرمپ چيو ته هو چيني ڪمپنين تي آمريڪي پابنديون کي گهٽائڻ تي غور ڪري رهيو آهي جيڪي ايراني تيل درآمد ڪن ٿا، جڏهن ته چين ايراني خام جو سڀ کان وڏو خريد ڪندڙ رهي ٿو.
جڏهن پڇيو ويو ته ڇا چيني صدر ايران تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پرعزم آهي ته هو آبنائے هرمز کي ٻيهر کولڻ لاءِ، ٽرمپ جواب ڏنو ته ”مان احسان نه ٿو گهران ڇاڪاڻ ته جڏهن توهان احسان گهرو ٿا ته توهان کي موٽ ۾ احسان ڏيڻو پوندو.
واضح رهي ته آمريڪا گذريل مهيني ايران تي حملا بند ڪرڻ باوجود آپريشن پروجيڪٽ فريڊم تحت بحري ناڪابندي جاري رکي هئي. تهران جواب ڏيندي چيو ته آبنائے هرمز تيستائين پابنديون رهنديون جيستائين واشنگٽن پابندي نه هٽائي. ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران ڪنهن معاهدي تي ڳالهين کان انڪار ڪيو ته برداشت ختم ٿي ويندي ۽ آمريڪا فوجي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪري سگهي ٿو.


