33هين ايشين جونيئر انفرادي اسڪواش چيمپيئن شپ 2026ع ۾ ڪاميابيءَ سان شرڪت کانپوءِ پاڪستاني اسڪواڊ اڱاري تي وطن واپس پهچندو. چين جي شهر پانزيهوا ۾ کيڏيل چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان مجموعي طور پنج ميڊل کٽيا، جن ۾ ٻه گولڊ، هڪ سلور ۽ ٻه برونز ميڊل شامل آهن. بوائز انڊر 17 ايونٽ ۾ نعمان خان ۽ بوائز انڊر 15 ۾ احمد ريان خليل گولڊ ميڊل، گرلز انڊر 15 ايونٽ ۾ ماه نور علي سلور، سهيل عدنان ۽ محمد عمير عارف برونز ميڊل کٽيو. پاڪستان جا ٻه رانديگر بوائز انڊر 19 ۾ سيڊ 2 عبدالله نواز ۽ بوائز انڊر 13 ۾ محمد مصطفيٰ خان ڪوارٽر فائنل ۾ هارائي ويا. چيمپيئن شپ ۾ گروپ ڪپتان (ر) عرفان اصغر ٽيم مئنيجر ۽ مشهور اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر فهيم گل هيڊ ڪوچ هو.
Source link

اسڪواش چيمپيئن شپ ۾ ڪامياب شرڪت کانپوءِ پاڪستاني اسڪواڊ اڱاري تي وطن واپس پهچندي
Leave a Comment Leave a Comment

