افغان طالبان جي حڪومت خلاف افغانستان جي اندران اندرين سياسي ۽ هٿياربند مزاحمتي تحريڪون زور وٺڻ لڳيون.
افغانستان جي فريڊم فرنٽ ويڙهاڪن اتر صوبي بدخشان جي مختلف ضلعن ۾ طالبان جي ٺڪاڻن تي حملا تيز ڪري ڇڏيا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازين فوجي ناڪامين کانپوءِ طالبان حڪومت خوفزده ٿي وئي ۽ پنهنجي غلط پروپيگنڊا مهم تيز ڪري ڇڏي، افغانستان فريڊم فرنٽ جي گوريلا آپريشن ۽ اندروني بغاوت کان خوفزده ٿي طالبان حڪومت پنهنجن ئي ميمبرن کي قيد ڪرڻ شروع ڪيو.
افغانستان فريڊم فرنٽ جو چوڻ آهي ته اها افغان عوام کي سندن مستقبل ۽ وطن تي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي.
عالمي ماهرن موجب طالبان افغانستان کي فتني الخوارج ۽ داعش جهڙن عالمي دهشتگرد گروپن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻائي جيڪو ڪجهه پوکيو، اهو هاڻي اندروني انتشار ۽ مزاحمت جي صورت ۾ پوکي رهيا آهن.
انهن جي پنهنجي ميمبرن جي گرفتاريون وڌندڙ بي اعتمادي، طالبان جي حڪومت جي صفن ۾ گهري تقسيم ۽ بغاوت جي خوف جي عڪاسي آهن.


