افغان حڪومت جي اندروني صفن ۾ وڏي ڇڪتاڻ اچي وئي آهي ۽ طالبان ڪمانڊر پنهنجي ئي ڪمانڊر خلاف آپريشن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
افغانستان جي صوبي بدخشان جي معدني وسيلن تي جنگ هڪ سنگين فوجي ۽ سياسي بحران ۾ تبديل ٿي وئي آهي. معدنيات جي ورڇ تي افغان طالبان حڪومت ۽ مقامي تاجڪ ڪمانڊر جمعه خان فتح وچ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا.
طالبان جي امير ملا هبت الله مقامي ڪمانڊر جمعه خان فتح کي باغي قرار ڏيندي سندس خلاف فوجي ڪارروائي جو حڪم ڏنو.
افغان ميڊيا رپورٽن موجب افغان طالبان جي اسپيشل فورسز جو وڏو قافلو جمعه خان فتح جي گرفتاري لاءِ بدخشان جي ضلعي شگنان روانو ٿي ويو آهي. ڪمانڊر جمعه خان فتح جي گرفتاري لاءِ طالبان حڪومت جو هڪ وڏو دستو، جنهن ۾ 50 فوجي گاڏين ۽ ٽرڪون شامل آهن، کي متحرڪ ڪيو ويو آهي.
افغان ميڊيا موجب ڪمانڊر جمعه فتح مقامي ماڻهن کي طالبان جي حڪومت خلاف هٿيار کڻڻ ۽ بارودي سرنگن تي ڪنٽرول ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. انٽيليجنس رپورٽن موجب جمعه فتح طالبان حڪومت خلاف باقاعده فوجي آپريشن جي منصوبابندي شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪمانڊر جمعه خان دعويٰ ڪئي آهي ته 10 هزار ويڙهاڪ بدخشان صوبي ۾ ۽ 2500 ناسي ضلعي ۾ طالبان حڪومت خلاف تيار آهن.
دفاعي تجزيه نگارن جي مطابق، ناراض افغان ڪمانڊرن پاران فوجي مزاحمت طالبان حڪومت جي نظرياتي پڄاڻيءَ جي شروعات آهي، جيڪا ملڪ کي ٻيهر گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪي ڇڏيندو.
مبصرن جو چوڻ آهي ته افغان حڪومت جي جابرانه پاليسين خلاف وڌندڙ فوجي بغاوتون سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمزور ٿيڻ ۽ اندروني انتشار جو واضح ثبوت آهن.


