افغان طالبان حڪومت جي عالمي سطح تي مذمت، يورپي پارليامينٽ ۾ ڏوهن جو انڪشاف

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


طالبان جي حڪومت هڪ ئي وقت انساني حقن جي ڀڃڪڙي، دهشتگردي ۽ معاشي بحران جي ڪري عالمي سطح تي تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب يورپي پارليامينٽ جي تازي ٺهراءُ کي 480 حمايتي ووٽ حاصل ڪري طالبان جي انتها پسند پاليسين کي رد ڪري ڇڏيو.

قابض طالبان راڄ جي ظالمانه ۽ آمرانه راڄ کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو.

پورپي پارليامينٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پارليامينٽ جي ميمبرن طالبان حڪومت جي عدالتي ۽ فوجي نظام کي عورتن جي منظم استحصال، غلامي ۽ صنفي تبعيض تي ٻڌل قرار ڏنو.

يورپي پارليامينٽ چيو آهي ته طالبان حڪومت کي فوري طور تي سرڪاري سزائون، ڦاهيون ۽ ٻيا سخت قدم بند ڪرڻ گهرجن ۽ ڪرمنل ڪوڊ کي ختم ڪرڻ گهرجي. يورپي ادارن ۽ ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته طالبان حڪومت کي تسليم نه ڪن ۽ لاڳاپا معمول تي نه آڻين.





Source link

Share This Article
Leave a Comment