اسلام آباد:
پاڪستان ۾ برقي گاڏين جي وڌندڙ مقبوليت کي نظر ۾ رکندي 2030 تائين اليڪٽرڪ گاڏين جو ڪل تعداد 2.2 ملين تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
نجي ٽي وي مطابق سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڏنل اهم بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي پاليسي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي. ان حڪمت عملي تحت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ روڊن تي ٽريفڪ جو وڏو حصو ماحول دوست ۽ برقي گاڏين تي مشتمل هوندو.
ملڪ ۾ هن وقت تائين جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ٻڌايو ويو ته مقامي سطح تي 12800 کان وڌيڪ اليڪٽرڪ گاڏيون ۽ 160000 برقي موٽر سائيڪلون تيار ڪيون ويون آهن. انهن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مقامي صنعت تيزيء سان برقي ٽرانسپورٽ جي ترقي ۾ مصروف آهي.
حڪومتي سطح تي ان شعبي کي فروغ ڏيڻ لاءِ 2 ۽ 3 ڦييئر برقي گاڏين جي خريداري لاءِ 9 ارب رپين جي وڏي سبسڊي مختص ڪئي وئي آهي. ان اسڪيم تحت اليڪٽرڪ موٽر سائيڪل خريد ڪندڙن کي في موٽرسائيڪل 80 هزار روپين تائين جي خاص مالي رعايت ڏني پئي وڃي.
اقتصادي ماهرن جو چوڻ آهي ته حڪومت جو اهو قدم نه رڳو تيل جي درآمدي بل کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو پر ماحولياتي آلودگي جي خاتمي لاءِ به هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.
اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ سبسڊي هيٺين ۽ وچولي طبقي لاءِ پنهنجي سواري حاصل ڪرڻ آسان بڻائي ڇڏيندي.


