بالي ووڊ جي مشهور اداڪار انوپم کير کي فن لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي 2026ع جي اشوڪا ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.
انسٽاگرام تي تقريب جون تصويرون شيئر ڪندي اداڪارا ايوارڊ تي خوشي ۽ شڪر گذاريءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو سندس لاءِ تمام گهڻي معنيٰ وارو اعزاز آهي ڇو ته اهو کيس نه رڳو هڪ اداڪار پر پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، ليکڪ ۽ موويشنل اسپيڪر جي حيثيت سان پڻ سڃاڻي ٿو.
انوپم کير پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هر ايوارڊ نه رڳو ڪاميابي پر هڪ وڏي ذميواري به آڻيندو آهي، مان پنهنجو ڪم ايمانداري، جذبي ۽ عاجزي سان جاري رکندس.
اداڪار چارلس والٽر ڪائونسل فار انوويشن اينڊ ريسرچ، ايسوسي ايشن آف انڊين بيوروڪريٽس ۽ ٻين آرگنائيزرن جو شڪريو ادا ڪيو. هن پنهنجي ڀاڻيجي ورندا جو به خاص ذڪر ڪيو جنهن هن جي طرفان انعام حاصل ڪيو.
واضح رهي ته انوپم کير تازو ئي فلم ”تنوي دي گريٽ“ ۾ نظر آيو هو، جنهن ذريعي هن هدايتڪاري ۾ به واپسي ڪئي آهي.


