اوپن اي آءِ خلاف هڪ عورت جو ڪيس پنهنجي ڌيءَ کي خودڪشي لاءِ اُکسائڻ تي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪا جي هڪ مصنوعي ذهانت واري ڪمپني OpenAI تي هڪ ماءُ پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ChatGPT هن جي ڌيءَ جي خودڪشي جو سبب بڻيو.

ميڊيا رپورٽن موجب ڪينيڊا سان تعلق رکندڙ عورت سان فرانسسڪو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته سندس 24 سالن جي ڌيءَ بار بار چيٽ جي پي ٽي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پنهنجي ذهني حالت ۽ خودڪشي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چيٽ بوٽ انهن حساس ڳالهين کي صحيح نموني نه سنڀاليو، پيشيوراڻي مدد وٺڻ جي صلاح نه ڏني پر ڪجهه موقعن تي ڇوڪري جي خيالن جي حمايت ڪئي ۽ گفتگو جاري رکڻ جي حوصلا افزائي ڪئي جيڪا آخرڪار سندس موت جو سبب بڻي.

مقدمي ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته چيٽ جي پي ٽي پاڻ کي هڪ قابل اعتماد دوست ۽ مرشد طور پيش ڪيو، جيتوڻيڪ هو اهڙي حساس معاملن کي سنڀالڻ جي مڪمل طور تي قابل نه هو.

ٻئي طرف اوپن اي آءِ ان واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته صارف جيڪو سسٽم استعمال ڪري رهيو هو اهو هاڻي موجود ناهي ۽ ڪمپني پنهنجي پليٽ فارم کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ ماهرن سان مسلسل ڪم ڪري رهي آهي.

هرجاڻي سان گڏ، درخواستگذار عدالت کان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته خودڪشي جهڙن حساس موضوعن تي چيٽ بوٽس لاءِ سخت حفاظتي اپاءَ ۽ واضح وارننگ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment