ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي صلاحڪار ميجر جنرل محسن رضائي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن تائين ايران تي حملا جاري رکي ته ايران به ڀرپور جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪندي دشمن خلاف ڀرپور جنگ شروع ڪندو. سرڪاري ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ محسن رضائي چيو ته آمريڪا طرفان وڌيڪ حملن جي صورت ۾ جنگ جو رخ مڪمل طور تبديل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ايران هاڻي نه رڳو دفاعي پر جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ جيڪڏهن حملا جاري رهيا ته ڀرپور فوجي آپريشن ڪيو ويندو. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ معاهدي جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي ياداشت عملي طور تي ختم ٿي وئي آهي. محسن رضائي موجب ڏکڻ لبنان مان اسرائيلي فوجن کي نه ڪڍڻ، آبنائے هرمز ۾ قانوني ايراني رستو هجڻ باوجود متبادل رستو قائم ڪرڻ، ايراني سرزمين تي حملو ڪرڻ ۽ ايراني اثاثا بحال نه ڪرڻ آمريڪا طرفان معاهدي جي واضح ڀڃڪڙي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ايران تي وڌ کان وڌ دٻاءُ وجهڻ ۽ ان کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ ڳالهين کانپوءِ آمريڪا هڪ ئي وقت جنگ ۽ ڳالهين جي پاليسي اختيار ڪئي پر آمريڪا جي ڀڃڪڙين کانپوءِ اها پاليسي هاڻي ختم ٿي وئي آهي. محسن رضائي الزام لڳايو ته آمريڪي فوج جنگ بندي جي مدي کي پنهنجي فوجي صلاحيت وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو پر ايراني هٿياربند فوج ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف ايراني هٿياربند فوج سرڪاري ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايراني انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ نشانو بڻايو ته انهن سمورن ملڪن ۾ موجود آمريڪي ڪمپنيون جيڪي آمريڪي فوج جي استعمال لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪن ٿيون انهن کي به نشانو بڻايو ويندو.
Source link

ايراني ڪمانڊر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا وڌيڪ حملو ڪيو ته ايران جنگ جو رخ بدلائي ڇڏيندو
Leave a Comment Leave a Comment

