ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تجويز ڪيل ڳالهين جي سلسلي ۾ ايراني مذاکراتي ٽيم اڱاري تي پاڪستان پهچندي. آمريڪي ٽي وي چينل سي اين اين جي رپورٽ موجب ايراني وفد پهرين مرحلي ۾ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندڙ شخصيتن تي مشتمل هوندو جيڪو ڳالهين جي عمل ۾ تسلسل برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايراني اهلڪارن اربع تي هڪ علامتي گڏيل اعلان جي توقع ڪئي ته جيئن جنگ بندي کي وڌايو وڃي. سي اين اين موجب جيڪڏهن معاملا دوستي سان طئي ٿي ويا ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي راضي ٿيو ته ايراني صدر به پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿو. ٻنهي صدرن جي آمد جي صورت ۾ گڏيل پڌرنامي تي صحيحن جو به امڪان آهي. جڏهن ته آمريڪي چينل واضح ڪيو آهي ته ايران اڃا تائين باضابطا طور تي ڪنهن به وفد جي روانگي جي تصديق نه ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته اسان جا نمائندا ڳالهين لاءِ اسلام آباد وڃي رهيا آهن.
Source link

ايران-آمريڪا ڳالهيون، ايراني مذاکراتي ٽيم اڱاري تي پاڪستان پهچندي. آمريڪي ميڊيا دعوي ڪئي آهي
Leave a Comment Leave a Comment

