آمريڪي جرنل وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب گڏيل عرب امارات خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ممڪن معاشي دٻاءُ کي نظر ۾ رکندي مالي مدد لاءِ آمريڪا سان رابطو ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران سان جاري تڪرار وڌي ٿو ته متحده عرب امارات کي مالي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان خدشي کي نظر ۾ رکندي اماراتي اختيارين ڊالرن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آمريڪا سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ذريعن موجب متحده عرب امارات جي سينٽرل بئنڪ جي گورنر خالد محمد آمريڪي عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪيون.
ملاقاتن ۾ ڪرنسي سوپ لائين ذريعي ڊالر تائين رسائي جي امڪان تي بحث ڪيو ويو، جيڪو ڪنهن به امڪاني مالي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته اماراتي وفد واشنگٽن ۾ آمريڪي خزاني واري سيڪريٽري اسڪاٽ بيسنٽ سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مالي تعاون جي مختلف پهلوئن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، جڏهن ته متحده عرب امارات هن وقت تائين جنگ جي وڏي معاشي اثر کان وڏي حد تائين محفوظ آهي، اختيارين مستقبل جي خدشات کي مدنظر رکندي معيشت کي امڪاني جھٽڪن کان بچائڻ لاءِ فعال قدم کڻي رهيا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو اقدام ظاهر ڪري ٿو ته خليجي ملڪ خطي ۾ وڌندڙ غير يقيني صورتحال جي منهن ۾ پنهنجي مالي حڪمت عملي کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.


