ايران فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اهو اعلان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ پنهنجي انتها تي آهي پر هاڻي ان حوالي سان غير يقيني واري صورتحال ختم ٿي وئي آهي.
ايراني حڪومت موجب قومي فٽبال ٽيم عالمي ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ مڪمل تيار آهي ۽ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي حڪومتي ترجمان فاطمه مهجراڻي چيو ته راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزارت ٽيم کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم مڪمل ڪري ورتا آهن ته جيئن رانديگر عالمي سطح تي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهن.
ايران جي راندين واري وزير سان منسوب بيانن اڳ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو، پر هڪ تازي وضاحت انهن قياس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي طرف خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ تازين فوجي جھڙپن باوجود ايراني اختيارين واضح ڪيو آهي ته سياسي صورتحال سبب راندين جون سرگرميون متاثر نه ٿينديون.
ياد رهي ته پاڪستان طرفان تازي جنگ بندي کانپوءِ صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، جنهن سبب ايران جي شرڪت وڌيڪ يقيني بڻجي وئي آهي.
ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جي خاص نمائندي پاولو زمپولي فيفا جي صدر گياني انفنٽينو کي درخواست ڪئي ته ورلڊ ڪپ ۾ ايران بدران 4 ڀيرا عالمي چيمپيئن اٽلي کي شامل ڪيو وڃي.


