اسلام آباد:
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) موجب اپريل مهيني پاڪستان ۾ نون ڪمپنين جي رجسٽريشن جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي.
ايس اي سي پي موجب هڪ مهيني دوران 4082 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو انگ 294 هزار 101 ٿي ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 30 اپريل تي هڪ ئي ڏينهن ۾ 340 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون، جيڪو روزانو ڪمپني جي رجسٽريشن جو هڪ نئون رڪارڊ آهي. ايس اي سي پي موجب دنيا جي 22 ملڪن جي سيڙپڪارن پاڪستان ۾ ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪرايون آهن، جن مان چين جي 95 شيئر هولڊرز به ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪرايون آهن.
چين مان رجسٽر ٿيل ڪمپنين جو ڪل ادا ڪيل سرمايو 193 ملين رپيا آهي.
صوبائي سطح تي پنجاب 2093 نون ڪمپنين سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته اسلام آباد مان 719، سنڌ مان 600 ۽ خيبرپختونخواهه مان 325 ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون. گلگت بلتستان مان 276 ۽ بلوچستان مان 69 ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن.
شعبي جي تقسيم جي لحاظ کان، آئي ٽي ۽ اي ڪامرس شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ 832 نئين ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون آهن. 757 ڪمپنيون واپار ۾، 490 سروسز ۾، 358 ريئل اسٽيٽ ۽ تعميرات ۾ رجسٽرڊ ٿيون. ٻين شعبن ۾ 242 ڪمپنيون سياحت ۾، 158 کاڌي ۽ مشروبات ۾، 127 تعليم ۽ 105 ٽيڪسٽائيل ۾ رجسٽرڊ ٿيون.
ايس اي سي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير سڌُو چيو آهي ته ڪمپني جي رجسٽريشن ۾ اضافو دستاويزي معيشت ڏانهن مثبت پيش رفت کي ظاهر ڪري ٿو.


