ايف بي آر ايڪسپورٽرز جي سهولت ۽ هراساني روڪڻ لاءِ ڪميٽيون ٺاهي ڇڏيون

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ايڪسپورٽ جي واڌاري، برآمد ڪندڙن کي درپيش مشڪلاتن جي ازالي، تڪرارن جي پرامن حل ۽ ٽيڪس اختيارين پاران غير ضروري حراسان ڪرڻ جي روڪٿام لاءِ سڄي ملڪ ۾ ايڪسپورٽر فيسليٽيشن ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن.

ايڪسپريس نيوز موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) هڪ باضابطه سرڪيولر جاري ڪيو آهي جنهن موجب انهن ڪميٽين جي قيام جو مقصد ايڪسپورٽرز ۽ ايف بي آر وچ ۾ رضاڪاراڻي ٽيڪس جي تعميل کي هٿي وٺرائڻ، غير ضروري مقدمن جي خاتمي ۽ ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايڪسپورٽرز ۽ ايف بي آر جي وچ ۾ سهولتڪاري، ثالثي ۽ تڪرار جي حل لاءِ هڪ مؤثر فورم فراهم ڪرڻ آهي.

ايف بي آر موجب ڪميٽي روزاني آفيس جي معاملن ۽ فيلڊ فارميشنز جي طريقيڪار ۽ برآمد ڪندڙن کي درپيش مشڪلاتن جو جائزو وٺندي. اهڙن مسئلن تي ماهوار گڏجاڻين ۾ بحث ڪيو ويندو ۽ انهن کي گڏيل مفاهمت ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

سرڪيولر ۾ چيو ويو آهي ته حقيقتن جي بنياد تي جن ڪيسن ۾ آڊٽ يا ٻي ڪا قانوني ڪارروائي ضروري محسوس ٿيندي، انهن کي لاڳاپيل ڪميٽي آڏو رکيو ويندو. ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ووٽنگ ميمبرن جي ڪورم سان اڪثريت جو فيصلو ڪندي.

ايف بي آر واضح ڪيو آهي ته هن سرڪيولر جي مقصدن لاءِ، برآمد ڪندڙ جو مطلب اهو آهي جنهن جي ڪنهن به ٽيڪس سال ۾ مجموعي ڪاروباري آمدني 80 سيڪڙو يا ايڪسپورٽ مان وڌيڪ هجي.

سرڪيولر موجب ڪراچي، لاهور، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ ريجن لاءِ الڳ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. سينٽرل ڪميٽي ڪراچي ريجن مان 10 ارب رپين کان وڌيڪ جي ايڪسپورٽ ڪندڙن جا ڪيس ڏسندي، جڏهن ته ٻين ايڪسپورٽرز لاءِ الڳ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح لاهور، فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ ريجنز ۾ ايڪسپورٽرز جي مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل کاتن ۾ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جن ۾ ايف بي آر آفيسر، معروف صنعتڪار ۽ لاڳاپيل چيمبرز آف ڪامرس جا صدر نان ووٽنگ ميمبر طور شامل هوندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment