ايم فل جي شاگردياڻي کي رشتي جي تڪرار تان سندس ڪزن ساٿين سميت قتل ڪري ڇڏيو.
ڪبير والا جي علائقي موضع فريد پور ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 28 ورهين جو ايم فل جو شاگرد مارجي ويو. پوليس موجب مارجي ويلن جو تعلق هراج برادري سان هو ۽ کيس رشتي جي تڪرار تان فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب شروعاتي اطلاعن موجب مقتول کي سندس ڪزن ۽ سندس 2 ساٿين مبينا طور نشانو بڻايو.
واقعي بعد پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ڪبيروالا منتقل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.


