اين سي سي آءِ سياسي شخصيت مومنه اقبال کي هراسان ڪرڻ جي شڪايت تي طلب ڪري ورتو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستاني اداڪارا مومنا اقبال تي هراساني ۽ سائبر بلنگ جا سنگين الزام سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) اداڪارا جي درخواست تي ايم پي اي ثاقب چدر ۽ سندس گهر واري سميرا خان کي طلب ڪري ورتو، قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اين سي سي آءِ اي ٻنهي ڄڻن کي 22 مئي جمعي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، اداڪارا مومنه اقبال پنهنجي درخواست ۾ الزام لڳايو هو ته هوءَ ڪيتري ئي عرصي کان بااثر سياسي شخصيت طرفان آن لائن هراساني، سائبر بلنگ، ذهني دٻاءُ ۽ موت جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. گذريل ڏينهن اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي تفصيلي بيان جاري ڪندي چيو ته هن ان معاملي بابت اين سي سي آءِ اي، ايف آءِ اي ۽ پنجاب پوليس کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر سياسي اثر رسوخ سبب مناسب ڪارروائي نه ٿي سگهي. سندن چوڻ هو ته انصاف فراهم ڪرڻ بدران سندن همت افزائي ڪئي وئي، جڏهن ته کين ۽ سندن گهرڀاتين کي سخت خطرو آهي. پنهنجي پوسٽ ۾ مومنا اقبال لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبدارانه جاچ ڪرائي سندس خاندان کي فوري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ اعليٰ آفيسرن، اهم سرڪاري آفيسن، نيوز چينلز ۽ مختلف ميڊيا پليٽ فارمن کي به ٽيگ ڪيو. اداڪارا چيو ته کيس اميد آهي ته اختيارن جو غلط استعمال ڪندڙ يا انصاف جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس پوسٽ سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به اهو معاملو بحث هيٺ آيو ۽ ڪيترن ئي صارفين سياسي شخصيتن ۽ لاڳاپيل ادارن کي ٽيگ ڪندي فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. مومنه اقبال جي الزامن ۽ اين سي سي آءِ اي جي ڪارروائي کانپوءِ هاڻي نظر ايندڙ واقعن تي آهي ته جاچ ڪهڙي رخ ۾ ٿيندي ۽ ان ڪيس ۾ وڌيڪ ڪهڙيون حقيقتون سامهون اينديون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment