اٽڪ ريفائنري بند، روڊ بند ٿيڻ سان ملڪ ۾ تيل جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، حفاظتي قدمن ۽ روڊن جي بندش سبب اٽڪ ريفائنري جو آپريشن معطل ٿي ويو آهي، جهلم، اٽڪ ۽ ڪي پي ڪي جي آئل فيلڊز جي پيداوار به بند ٿيڻ جو خدشو آهي.
اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ پرڏيهي وفدن جي امڪاني آمد کي نظر ۾ رکندي حفاظتي قدمن ۽ روڊن جي بندش سبب پنهنجو ڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ملڪ جي وچ ۽ اترين علائقن ۾ پيٽروليم شين جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
ريفائنري انتظاميا موجب آئل ٽينڪرز جي اوچتو بند ٿيڻ سان نه رڳو خام تيل جي ترسيل بند ٿي وئي آهي پر تيار ٿيل شين جي سپلاءِ به متاثر ٿي آهي. ان صورتحال جي ڪري ريفائنري جو بنيادي خام ڊيسٽليشن يونٽ، جنهن جي روزاني گنجائش 32,400 بيرل آهي، کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي.
اٽڪ ريفائنري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ايس اي سي پي کي باضابطا طور تي ان پيش رفت بابت آگاهه ڪيو آهي. ٽريفڪ جي پابندين جي ڪري خام تيل جي وصولي ۾ نمايان گهٽتائي ۽ پيٽرول، ڊيزل جي ترسيل ۾ خلل اچي ويو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر ريفائنري آپريشن تي پيو آهي. موٽر اسپرٽ (پيٽرول) ۽ تيز رفتار ڊيزل اسٽاڪ غير معمولي طور تي وڌي ويا آهن، جڏهن ته خام تيل جي فراهمي ۾ تيز گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پيداوار کي روڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن بند جو اثر جهلم ۽ اٽڪ سميت پنجاب جي مختلف آئل فيلڊز تي پئجي سگهي ٿو ۽ خيبرپختونخواهه ۾ تيل جا اڪثر ذخيرا متاثر ٿي سگهن ٿا، جتي پيداوار معطل ٿيڻ جو خدشو آهي.
اٽڪ ريفائنري ملڪ جي اترين حصي ۾ واحد ريفائنري آهي جيڪا پنجاب، خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿي. ريفائنري اوگرا ۽ پيٽروليم ڊويزن کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي ته آئل ٽينڪرز جي بي ترتيب آمدورفت کي يقيني بڻائڻ لاءِ خصوصي اجازت ڏني وڃي ٻي صورت ۾ ڊگهي عرصي تائين بندش توانائي جي شعبي ۾ سنگين بحران پيدا ڪري سگهي ٿي.


