بيٽنگ ڪري اشتهاري بورڊ ٽوڙڻ مهانگو پئجي ويو، آءِ سي سي سلمان آغا کي سزا ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستاني ڪرڪيٽر سلمان علي آغا کي سلهٽ ۾ بنگلاديش خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ دوران آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي باضابطا وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب سلمان آغا ليول ون ريگيوليشن جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن ۾ ميچ دوران ڪرڪيٽ جي سامان، گرائونڊ سامان يا ٻين شين سان نامناسب رويو اختيار ڪيو ويو.

اهو واقعو پاڪستان جي ٻي اننگز جي 82 هين اوور ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن سلمان آغا غصي ۾ پنهنجي بيٽنگ سان اشتهاري بورڊ کي نشانو بڻايو جڏهن ته آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ پويلين موٽيو.

اهڙي عمل سبب ميچ ريفري سندس خلاف ايڪشن ورتو.

آءِ سي سي سلمان آغا جي ڊسپلنري رڪارڊ ۾ هڪ ڊيميرٽ پوائنٽ به شامل ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل 24 مهينن ۾ اها سندس ٻي خلاف ورزي آهي، جنهن ۾ سندس ڪل ڊيميرٽ پوائنٽس جو تعداد ٻه ٿي ويو آهي.

ان کان اڳ، هن کي مارچ ۾ ڍاڪا ۾ بنگلاديش خلاف ون ڊي ميچ دوران ساڳئي خلاف ورزي جو ڏوهه مليو هو.

سلمان آغا پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي ميچ ريفري جيف ڪرو جي تجويز ڪيل سزا قبول ڪري ورتي، جنهن جي باضابطه ٻڌڻي جي ضرورت نه هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment