ڀارتي پنجابي ڳائڻي جيسمين سينڊلس جي دهرادون ۾ ڪنسرٽ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کانپوءِ مداح سندس حفاظت تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيل مفت ڪنسرٽ ۾ جيسمين سينڊل پنهنجا مقبول گانا ’سپ سپ‘، ’شرارت‘ ۽ ’لاوان‘ پيش ڪيا، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.
وائرل وڊيو ۾، جيسمين سينڊلس پرفارمنس کانپوءِ اسٽيج جي ويجهو مداحن سان ملاقات ڪندي ۽ انهن کان گل وصول ڪندي نظر اچي رهي آهي.
وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي صارفين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ڪجهه ماڻهن مبينا طور تي ڳائڻي کي نامناسب طريقي سان ڇهيو ۽ ان غير اخلاقي رويي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته فنڪارن جي ذاتي حدن ۽ وقار جو هر حال ۾ احترام ڪرڻ گهرجي.
اهو واقعو هڪ اهڙي وقت ۾ پيش آيو جڏهن جيسمين سينڊلس پنهنجي منگيتر شيکر چوڌري کي ساڳئي ڪنسرٽ ۾ اسٽيج تي فون ڪري پنهنجي مڱڻي جو اعلان ڪيو، جنهن جون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون. بهرحال، نئين وڊيو جيڪا بعد ۾ سامهون آئي، سڀني جو ڌيان هن افسوسناڪ واقعي ڏانهن ڦيرايو.


